نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نارويجن هم منصب اينيڪن هيٽ فيلڊ سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن 75 سالا دوستي کي ??اراهيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ ??خي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.