اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ن??را?? حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ن??را?? حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چوري سڀ کان وڏو عنصر آ??ي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس بجلي چور?? بابت آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته ن??را?? حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.