اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران ??سا?? کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، ??سا?? جو ڌيان عوام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، ??سا?? ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ??سا?? ان مسئلي جو نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي تي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي جي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي جي بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ان ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ميديا کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي س??اسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، ??سا?? ان کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چيو ته ??سا?? کي س??ورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران ??سا?? کي ان مسئلي جي حل طرف وڃڻ گهرجي، ??سا?? کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي س??جهڻو پوندو. هن چيو ته عوام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ان مسئلي جي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جي مدي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن و??ري ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي ج??ري ڪيو آهي. هن چيو ته ??سا?? اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.