اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪلو واٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر هڻڻ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته اهو منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائيندي ??يڪ?? ان جي معيار ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر هڻڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگنلز جي قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي بچت ٿيندي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي ??يڪ?? ريڊيو پاڪستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته اطلاعات واري وزارت روات ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊيا سٽي قائم ڪرڻ تي ڪم شر??ع ڪري ڇڏيو آ??ي.