اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۽ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽس ۽ قي??س آرائين جي ابتڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڃان تائين نگران و??يراعظم جي لاءِ ڪنهن اميدوار کي چونڊيو يا رد ناهي ڪيو، نگران و??يراعظم جي مقرري آئين ۾ طئي ٿيل طريقيڪار موجب ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف موزون تر??ن اميدوار جي لاءِ حڪومت ۾ شامل سمور??ن اتحادي پارٽين سان مشاورت ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف کان رهنمائي وٺندو. هن چيو ته اتحادين سان مشاورت ??انپوءِ وزيراعظم ان معاملي تي آئين موجب فيصلي جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ??ندو.