مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ اڱاري تي ادا ڪيو ويندو. سڄي دنيا مان حج جي فرض جي ادائگي لاءِ ڀلي پار پهتل حاجي عرف??ت جي ميدان ۾ حج جي سعدات حاصل ڪندا. سعودي حڪومت الله پاڪ جي مهمانن جي ميزباني ۽ آساني لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حج جو رڪن اعظم وقفوه عرفه اج اڱاري تي ٿيندو. منيٰ مزدلفه ۽ عرف??ت جي ميدانن ۾ حج جي رڪنن جي ادائگي لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويا آهن. هر هنڌ حاجين جي رهنمائي لاءِ سعودي حڪومت طرفان ??وج، پوليس ۽ رضاڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ان ??وقعي تي 40 هزار ڪمانڊر، هڪ لک 25 هزار اهلڪار، 40 هزار ٽريفڪ پوليس جو عملو، سعودي عرب جي حج واري وزارت جا 95 هزار ملازم، شهري دفاع جا 17 هزار، حرمين ڪميٽي جا 10 هزار اهلڪار ۽ سعودي عرب جي يونيورسٽين جا 25 هزار شاگرد به حج جي خدمتن لاءِ شامل هوندا. ڊرون جهازن سميت هيليڪاپٽرن ذريعي به حج جي رڪنن جي ادائگي جي موقعي تي خاص نگراني جو اهتمام ڪيو ويو آهي. 160 کان ??ڌيڪ ملڪن جا اٽڪل 30 لک حج پانڌيئڙا اڄ اڱاري تي فجر جي نماز جي فورن بعد حج جي فرض جي ادائگي لاءِ عرف??ت جي ميدان ??هچندا. عرف??ت جي ميدان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٿيندو ۽ سمورا حاجي سڳورا ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ڪندا. عصر ۽ مغرب وچ ۾ وقوف ٿيندو جنهن ۾ حاجي سڳورا الله جي حضور ٻاڏائي دعائون گهرندا. مغرب جي نماز کان اڳ عرف??ت جي ميدان کي ڇڏڻ جو حڪم آهي. حاجي سڳورا عرف??ت جي ميدان ??ان ??زدلفه لاءِ روانا ٿيندا، اتي پهچي مغرب ۽ عشا جي نماز گڏ ادا ڪندا ۽ شيطان کي پٿريون لڳائيندا. رات مزدلفه ۾ کليل آسمان ??يٺ ترسڻ بعد فجر جي نماز جي ادائگي بعد منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ واپس ايندا ج??ان شيطان کي پهرين ڏينهن پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس روانا ٿيندا. شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ ايندا ج??ي قرباني بعد وار ڪترائي احرام کوليندا. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس ويندا ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿريون لڳائي مڪي پاڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهن ڏانهن واپس ايندا. مني?? ۾ 3 ڏينهن ترسڻ حج جو لازمي رڪن آهي. مني?? ۾ 3 ڏينهن ترسڻ دوران حاجين کي ڪنهن به وقت ??ڪي پاڪ ۾ طواف جي زيارت لاءِ وڃڻ به حج جو لازمي رڪن آهي.