اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي ??الياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ اهم مطالبو رهيو آهي، ان نظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي نظرثاني جي ضرورت آهي، فرانس جي دوري ??وران انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ??الياتي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي پاڪستان جو موقف رکندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ??الياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ مطالبو رهيو آهي جيڪو عوامي ??اليسين جي ماهرن، پاليسي پريڪٽيشنرز ۽ عالمي اڳواڻن پاران مختلف فورمن تي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتن، ماحوليات، قرضن جي وڌندڙ سطح ۽ توانائي جي ??نت??لي جهڙن چئلينجن جي سنگين نوعيت خطري ??ي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. مسئلن جي عالمگيريت عالمي ??الياتي نظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ تخليقي موقف جي ضرورت کي جنم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته هي اها جڳهه آهي جتي فرانس ۾ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ دنيا جي لاءِ هڪ منفرد موقعي جي نمائندگي ڪري ٿو ته اهي گڏ ٿين ۽ عالمي ??الياتي نظام جي ٺوس سڌارن جي لاءِ گهربل وسيع اصولن ۽ قدمن تي متفق ٿين. وزيراعظم چيو ته فرانس جي دوري ??وران آئون انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ??الياتي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندس. جي – 77 پلس چائنا گرونگ ۾ هڪ اهم ڌر جي طور تي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کان بري ??رح متاثر ٿيندڙ ملڪ جي طور تي پاڪستان ان ڪردار جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهي.