اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽر??لي?? جي سينيئر عملدار?? جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيا??ت ڪئي جڏهن ته آسٽر??لي?? وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون پڻ ??ام?? آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گهڻ رخي ترجيحن ۾ تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستا?? جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽر??لي?? ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي.