اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو آهي جٿي هو گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق تر??ي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جو هي پنجون اجلاس آهي. ڪانفرنس 5 مارچ کان دوحه ۾ شروع ٿي وئي آهي. قطر ??ي امير ڪ??نفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ وزيراعظمن ??ي اعزاز ۾ آج??اڻو ڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر ??ي امير جي آج??اڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم 6 مارچ تي ڪانفرنس ??ي اجلاس کي خطاب به ڪندو.