اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر در??يش آهن، موجوده حڪومت کي گذريل حڪومت جي بدانتظامي جي مسئلن کانسواءِ ٻو?? جهڙي قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻو پيو، غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود حڪومت ڏينهن رات محنت سان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي مالياتي فرم روٿ چائلڊ اينڊ ڪمپني جي و??د سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻير هي آهي. هن وڌيڪ چيو ته غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پ??ڪستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر به در??يش آهن. وفد پاڪستان جي معاشي صورتحال کي مستحڪم قرار ڏيندي چيو ته پ??ڪستان جي باصلاحيت افرادي قوت ان جي اصل طاقت آهي. وفد وڌيڪ چيو ته پ??ڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج خطي جي بهتر ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينجز مان هڪ آهي. وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته پ??ڪستان تازن ڏينهن ۾ عالمي سطح تي موثر انداز ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن بابت آگاهي پيدا ڪئي، پاڪستان جي معيشت جي لاءِ موجوده حڪومت جا قدم ان کي مثبت رخ طرف گامزن ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.