انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي ۽ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? جيڪو ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه ۾ آهي، صدارتي محل پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزير??عظ?? جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر پڻ وزير??عظ?? سان گڏ هئا. ترڪيه روانگي کان اڳ وزير??عظ?? شهباز شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو پيغام کڻي ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ٻن جدا رياستن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي جذبي تحت اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو سمجهون ٿا. صدر اردوان سان ملاقات ??ان??وءِ وزير??عظ?? ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو مشڪل وقت ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر م??ڪن تعاون جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزير??عظ?? 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڏکڻ ترڪيه ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي ??ان??وءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ هر م??ڪن مدد جي خاطري ڪرائي. ترڪيه عوام جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزير??عظ?? ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.