واشنگٽن – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي لاءِ افهام تفهيم، رواداري ۽ همدردي جي پل بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ??ڀن?? جي بهتر مستقبل جي تعمي?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطحي عالمي مانجهاندي کي اهم مقرر طور خطاب ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري گلوبل ڪميونٽي طور انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ ايمان ۽ دعا جي ڪردا?? جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ خالق تي ايمان جيڪو اسان تي نظر رکي ٿو، اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ۽ اسان کي طاقت ڏي ٿو سمورن عقيدن جي ٻنڌڻ جي خصوصيت آهي. اتحاد جو اهو احساس اسان کي انهن ماڻهن ۾ انسانيت کي ڏسڻ جي قابل بڻائي ٿو جيڪي اسان کان مختلف آهن ۽ انهن سان انهي مهرباني ۽ احترام سان پيش اچون ٿا جيڪو اسان پنهنجي چاهيون ٿا. پرڏيه?? وزير چيو ته اسلام ۾ اسان جي ساٿي انسانن جي حقن، حقوق العباد اسان جي ايمان جي اهم ترين ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته اسلام پنهنجي پيروڪارن کي سمورن ماڻهن سان بنا فرق جي بهتر سلوڪ ۽ احترام سان پيش ڪرڻ جي تعليم ڏي ٿو ۽ هڪ اهڙو معاشرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جتي اختلاف ۽ جهيڙي جي جاءِ تي اتحاد ۽ هم آهنگي هجي. پرڏيه?? وزير دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن جو حوالو ڏنو ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل همدردي جي اهميت تي پنهنجي يقين جي تصديق ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان جي تقدير هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ اسان کي ??ڀن?? جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمي?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن امن ۽ ڀائيچاري جي لاءِ افهام تفهيم، رواداري ۽ همدرديءَ جي پل ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيه?? وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت پڻ ڳالهه ڪئي ۽ ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ اڳتي اچڻ ۽ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. پرڏيه?? وزير کي عالمي مانجهاندي ۾ اهم مقر?? جي حيثيت سان دعوت هن خطاب ۾ پاڪستان جي اهم آواز جي سڃاڻپ آهي.