اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي ح??يدار بڻائي ره??ا آهيون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو وزير چيمپيئن آف ريفارمز (سي او آر) نيٽ ورڪ جي شروعات ڪرڻ وڃي ره??و آهي، اهو نيٽ ورڪ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي استعمال ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ملڪ جو فخر آهن جن عالمي سطح تي مخ??لف شعبن ۾ پنهنجو مقام بڻايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي ح??يدار بڻائي ره??ا آهيون. سي او آر نيٽ ورڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيندو جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي ره??ا آهيون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي ح??يداري سان ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.