اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته فارن ف??ڊيڊ ??تنا! وزيراعظم ته هاڻي شهباز شريف آهي توهان جي مرضي فوت ٿي وڃو، فارن ف??ڊيڊ ??تني اڳ ۾ تسليم ڪيو ته آرمي چيف کي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ تاحيات ايڪسٽينشن جي لاءِ آفر ڪئي، فارن ف??ڊيڊ ??تني اڄ مڃي ورتو ته تڪليف رڳو آرمي چيف لڳائڻ جي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته جوتا پالش ڪرڻ واري پالش جي ڪاراڻ توهان جي منهن تي صاف نظر اچي رهي آهي. فارن ف??ڊيڊ ??تنا! هاڻ?? ته شهباز شريف جي حڪومت آهي، توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪريو، هاڻ?? ته اها ئي حقيقت آهي. هن چيو ته شهباز شريف چور هو ته عدالتن ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا؟ هاڻي دير ٿي وئي، شهباز شريف چور هو ته ٽي سال برطانيا جي عدالت اين سي اي ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا؟ هن يچو ته راڻا ثناءُ الله قاتل هو ته هيروئن ڇو وجهي گرفتار ڪيو؟ ڪيڏانهن ويا ثبوت؟ هاڻي دير ٿي وئي، نواز شريف کي توهان جي حڪومت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، نه ڏيو ها، هاڻي دير ٿي وئي. جيڪڏهن احتساب ڪري رهيا هئا ته پوءِ آرمي چيف کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڇو ڪئي؟ هن چيو ته فارن ف??ڊيڊ ??تنو حڪومت ۾ نه ته مارشل لاء؟ اها ئي توهان فسطائي ۽ آمراڻي ذهنيت، ڪرپشن جا ڪيس صحيح هئا ته طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ حبس بيجا ۾ ڇو رکيو ڪيس صحيح هئا ته توهان جي حڪومت جي دور ۾ عدالتن آزاد ڇو ڪيو؟ هن چيو ته فارن ف??ڊيڊ ??تنا! هاڻي تمام گهڻي دير ٿي وئي. خوني مارچ هلندو ??يو وڃي ۽ معصوم جانيون ختم ٿينديُون پيون وڃن. هن چيو ته سڀ چور هئا ته جيلن ۾ وجهڻ ۽ الزام هڻڻ ۾ جيترو زور لڳايو هو ايترو ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ لڳايو ها؟ چور، ڌاڙيل، ڪوڙو، نااهل نالائق فارن ف????يڊ تون پاڻ آهين، عوام کي سڀ خبر آهي.