اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين ??ي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي به موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وزيراعظم جو چين ج?? دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.