اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي ??روعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، ايم ايل ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ??دارت ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چيني منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ايل ون)، ڪراچي سرڪلر ريلوي، ??راقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي سي پيڪ منصوبن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منصوبن جي ??فتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم جو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي ??يثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فليگ شپ منصوبو آ??ي، ??ين لائين ون منصوبو پاڪستان جي ??ندرگاهن کي چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان ريل جي ??ريعي رابطا پوري خطي جي ??رقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ريل جي ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي ??لامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ??مسي توانائي جي منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي ??يڙپڪاري ۾ دلچسپي جي ??جيا?? ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي ??عطل جو شڪار منصوبن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ مرحلي مان نڪري بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي ??روعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪ??ڻ ۽ ڪراچي جي ??هواسين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ??فاقي وزير احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما، پيٽرولم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.