ڪوئيٽ??-16 ??يپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، معطل ٿيل ريلوي روٽس ??ي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ??يندو. ڪوئيٽه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وز??ر چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متاثر ٿيو آهي، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان متاثر ٿيو آهي، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ??يندو. متاث?? علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ??يندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ ??ي بحاليءَ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آهي. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وز??ر چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاث?? علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو آهيان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو ??يندو. پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.