اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قدرتي آفتن جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ سمورين حڪومتن ۽ ادارن کي گڏجي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي لاءِ سڄي دنيا مان امداد تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا، وفاق جي س??ح تي متاثرين کي في خاندان 25 هزار رپين جي ورڇ جي لاءِ رقم 70 ارب رپين تائين وڌا??ي وئي آ??ي، سوات جي علائقي ۾ ٿيندڙ نقصان ”مين ميڊ“ آ??ي، ڪاش ڏينهن رات ليڪچر ڏيندڙ ان تباهي جو حل ڪڍن ها، هي سياست نه خدمت جو وقت آ??ي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جون حقيقتون دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ عالمي ۽ مقامي ميڊيا ۽ وفاقي وزيرن مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جو نمايان ڪردار آهي جنهن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وز??را??ظم چيو ته وفاقي حڪومت متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن ۽ اين ڊي ايم اي جي ذريعي 70 ارب رپيا ورهائي رهي ا??ي، سنڌ صوبي جي لاءِ 15 ارب رپيا، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي لاءِ 10، 10 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 3 ارب رپيا ان کانسواءِ آهن. وز??را??ظم چيو ته ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا في ڪس ورهائڻ جو عمل به جاري آ??ي، ان جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 5 ارب رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 3 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن. وز??را??ظم چيو ته ٻوڏ جي تباهين سان گذريل هڪ هفتي ۾ عالمي برادري کي آگاهي کانپوءِ هاڻي عالمي برادري پاران به امدادي س??مان ملي رهيو آ??ي، ان آگاهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جو وڏو ڪردار آ??ي، ان سان عالمي برادري کي متاثرين جي تڪليفن ۽ سختين کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي، گڏيل عرب امارات کان 50 ملين ڊالر جو امدادي س??مان پهچڻ شروع ٿي ويو آ??ي، چين 400 ملين آر ايم بي اضافي امداد جو اعلان ڪيو آ??ي، ان کانسواءِ ترڪيءَ، سعودي عرب، اردن سميت ٻين ملڪن مان امدادي س??مان اچي رهيو آ??ي، آمريڪا 31 ملين ڊالر جڏهن ته پرنس ڪريم آغا خان جي فرزند 10 ملين ڊالر ڪيش جو اعلان ڪيو آ??ي، بيا ملڪ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. وز??را??ظم چيو ته ??عودي عرب هڪ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آ??ي، قطر جي قيادت هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آ??ي، عالمي امدادي ادارا به فعال آهن، برطانيا پنهنجي امداد 15 ملين پائونڊ تائين وڌائي ڇڏي آ??ي، ان تي پاڪستاني قوم انهن سڀني ملڪن ۽ ادارن جي ٿورائتي آهي. وز??را??ظم چيو ته ??ن کانپوءِ نئين سر تعمير جو مرحلو اچڻو آهي جنهن جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي بهتر منصوبابندي ڪنداسين، سنڌ ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ بهتر ڪم جي ضرورت آهي. وز??را??ظم چيو ته ??ندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مان چيمبرز آف ڪامرس سميت مختلف ادارن پاران ريليف فنڊ ۾ امدادي چيڪ ڏنا پيا وڃن، ڊونر ڪانفرنس پڻ طلب ڪئي پ??ي وڃي، اين جي اوز پڻ فعال آهن. وز??را??ظم چيو ته ??وام پاڻ به متاثرين جي لاءِ کاڌو ۽ امدادي س??مان کڻي وڃي رهي آ??ي، اسان جيڪو ماحول چاهيو پئي اهو بڻجي ويو آ??ي، پوري قوم هڪ لڙي ۾ پڻجي وئي آهي. هن چيو ته ??نيا کي ٻوڏ جي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ تي عالمي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون، وزارتن، کاتن، لاڳاپيل ادارن ۽ ماڻهن ان وڏي چئلينج کي قبول ڪيو آهي ۽ پوري طرح هڪ ٿي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، ايف ڊبليو او سوات ۾ جتي ”مين ميڊ“ افت آئي آ??ي، ڪاش ڏينهن رات ليڪچر ڏيندڙ دريائن جي پيٽ ۾ تعم??را?? کان روڪين ها ۽ ان تباهي جو حل ڪڍن ها، اسان هن وقت سياست نه ٿا ڪرڻ چاهيون ڇو ته هي سياست نه خدمت جو وقت آ??ي، جڏهن ته ??سان کي پنهنجي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، تعم??را?? جي حوالي س??ن قانونن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، ٻوڏ ۾ هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، کربين رپين جو معاشي نقصان ٿيو، ڇا قوم اڃا به خاموش تماشائي بڻيل رهندي، ڇا هر سال اهڙي طرح غريب قوم جي ڪمائي برساتن ۽ ٻوڏ جي ور چڙهندي، ان تي ٺاهه نه ڪنداسين، وفاق، صوبن ۽ ادارن سان گڏجي ٺوس حڪمت عملي ۽ پاليسي ٺاهينداسين، هي قانونن تي س??تي س??ن ڪاربند رهڻ جو وقت آهي. هن چيو ته قومي ميڊيا جهڙي طرح آگاهي ڏني آ??ي، ان تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا، ٻوڏ جي متاثرين کي محفوظ جڳهه تائين پهچائيندڙ هٿياربند فوج سميت سمورن اداران جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت، ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي حڪومتن، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي سميت سمورن ادارن ڏينهن رات هڪ ڪري ڏکويل انسانيت جي خدمت جو ذمو کنيو آهي جنهن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا.