اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سيپٽمبر 2021ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت محڪماڻي راندين جي لاءِ فنڊنگ روڪي ڇڏي هئي، عمران خان حڪومت جي ڪري 30 مختلف راندين ۾ محڪماڻي رانديون ختم ٿي ويون هيون جنهن سان هزارين رانديگر بيروزگار ٿي ويا هئا. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قوم کي خطاب ۾ محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيرا??ظم اپريل 2022ع ۾ محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. رانديگرن وزيرا??ظم کان پنهنجي بيروزگاري ۽ مسئلن جي ڏس ۾ محڪماڻي راندين جي بحالي ج?? مطالبو ڪيو هو. وزيرا??ظم اهو قد?? ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوان ٽيلنٽ جي حوصلا افزائي جي لاءِ کنيو آهي.