مظفر ڳڙهه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضعي هيڊڪوارٽر مظ??ر ڳڙهه ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪج??تي جو اظهار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ٻاهران 9 وڳي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جي قيادت ۾ ڊي سي آفيس کان ضلعي ڪائونسل تا??ين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ريونيو محمد شاهه رخ، اسسٽنٽ ڪمشنر مظ??ر ڳڙهه جميل حيدر شاهه، سي اي او تعليم مسعود نديم، ريسڪيو 1122 مان اسامه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد اڪرم تڪير، مو??ان?? عبدالمعبود آزاد، واپاري تنظيم مان امير حسن، شيخ عامر سليم، راڻا محمد افضل، ابو هريره، سماجي عورت ڪارڪن ڪلثوم سيال سميت ضلعي کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.