ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو هندستان جي ورڇ کان اڳ جو آهي، ڪشميري عوام ڊوگرا راڄ ۽ هندو استحصال جو شڪار رهي، انهن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان وانگر ا??ان به هندن جي غلامي کان پاڻ کي آزاد ڪ??ائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ مختلف موقعن تي اتان جي ماڻهن جدوجهد جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي ??ان اي پي پي ??ان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي هندستان انهن تي جارحيت ذريعي قبضو ڪري ورتو ۽ ننڍي کنڊ جي ورڇ جي وقت جيڪي عالمي اصول طئي ٿيا هئا انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين معاملن کان ا??ان سڀ واقف آهيون، ڪشمير کي هڪ خصوصي صوبي جي حيثيت ڏني وئي هئي ۽ ان جي لاءِ هندستان جي آئين ۾ شقون رکيون ويون هيون پر 3 سال اڳ 5 آگسٽ تي ان ۾ ترميم ڪري اهي شقون ڪڍيون ويون ۽ ان کي باقاعده ڀارت جو حصو قرار ڏنو ويو هو، هاڻي ??ن جو نتيجو اهو نڪتو ته اتي جيڪي خصوصي سهولتو?? ڏنيون ويون هيون اهي ختم ٿي ويون، غيرڪشميرين کي اتي آباد ٿيڻ جي اجازت ملي وئي، هي اهو طريقو آهي جيڪو يهودين اسرائيل ۾ استعمال ڪيو هو ۽ ان طريقي ??ان مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو، هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڪشميري ڪڏهن به پنهنجي حقن تان دستبردار نه ٿيندا ۽ آخرڪار انهن کي ڪاميابي ملندي. ا??ان اخلاقي طور تي، مالي طور تي، سياسي طور تي ۽ عالمي طور تي انهن جي مدد ڪ??ڻ جا پابند آهيون ۽ اخلاقي طور تي ا??ان جي ذميواري به بڻجي ٿي ته ڪشمير??ن تي جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن انهن کان دنيا کي آگاهه ڪريون ۽ انهن جي جدوجهد لاءِ ڪوششون ڪريون ۽ هاڻي يقينن اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن ڪشميري آزاد فضا ۾ ساهه کڻي ??گهندا.