اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪس??ان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀ??رت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀ??رت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فوبيا سان واڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ ??ام??نيٰ قدم کڻي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پناهگي??ن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پناهگير بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ته پناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پاڪس??ان معيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته پاڪس??ان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪس??ان جي سافٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪس??ان ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪس??ان ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.