اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مشهور حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ??ال??ي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراع??م چيو ته بي مثال بهادري ۽ حريت جي علامت ۽ ضمير جي قيدي ياسين ملڪ جي خلاف ڀارتي هٿڪنڊا رد ڪريون ٿ??، اها ڪشميرين کي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، ??ال??ي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدم جو نوٽيس وٺي، حڪومت پاڪستان ??ال??ي ۽ انساني حقن جي سمورن ادارن ۽ او ??ءِ سي جي فورم تي ياسين ملڪ ۽ ڪشميري قيادت جي خلاف انتقامي ڪاررواين کي پوري قوت سان اٿاريندي، هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ناجائز ۽ غير قان??ني قدمن وانگر ياسين ملڪ جي خلاف ڪيس به غير قان??ني ۽ ناجائز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪندڙ ڀارت ڪشميرين جي نمائنده حقيقي قيادت ختم ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آزادي ڪشمير جي نشاني سيد علي گيلاني شهيد جي مڙهه کان ڊڄندڙ ڀارت ياسين ملڪ جي حق واري ڳالهه کان ڊنل آهي. اشرف صحرائي شهيد، سندس شهيد صاحبزادي سميت هزارين شهداءِ ڪشمير راءِ شماري واري تحريڪ کي حاصل ڪرڻ جي منزل جا سنگ هاءِ ميل آهن. اهي سڀ شهداءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قان??ني طور تي قابض ڀارت جي ظلم ۽ بربريت ۽ رياستي دهشتگردي جو ثبوت آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت جي ڪاري قانون ۽ عدالتي نظام عدل جي ??ال??ي ۽ فطري گهرجن جي ابتڙ آهن، مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ڪنهن قوم کي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي، ڪارن قانونن ۽ سزائن سان غلام نٿو بڻائي سگهجي، ناجائز حڪومت جي ڪارن قانونن سان ڀارت جي غير قان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي غلام نٿو بڻائي سگهجي، وزيراع??م چيو ته بهادر ڪشميرين کي انهن جي بي مثال جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن ان مقصد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، ??ال??ي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪرائي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي.