اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چيني نا??م الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مس??لن ۽ ترق?? جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئ?? جي اهم منصوبي سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چيني سيڙپڪار?? جي آجيان ڪريون ٿا.