اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آهن، جمهوريت تي يقين رکندڙن کي پارليامي??ٽ جي بالادستي تي پڻ يقين رکڻ گهرجي، بي اعتمادي کانپوءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي ڪيئن حڪومت ڪندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته مسلم ليگ (ن) 5 سالن ۾ 57 لک روزگار پيدا ڪ??ا تحريڪ انصاف پنهنجي ٽن سالن ۾ بدترين ڪورونا وبا دوران 55 لک روزگار جا موقعا پيدا ڪ??ا. اسان جي دور ۾ روانگي واپار گذريل ٻن دورن کان وڌيڪ آ??ي. ??اڌويجهه جي شرح 15 سالن ۾ پهريون ڀيرو 5 سيڪڙو کان مٿي هلي وئي آهي. هن چيو ته اها سڄي جدوجهد جمهوريت جي نالي تي ٿي رهي آهي، ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ منحرف عورت ميمبر چوي ٿي ته 23 ڪروڙ رپين ۾ منهنجي زندگي سنورجي ويندي. ماڻهن جي ضمير جي ٻولي لڳائي خريد ڪيا وڃن ته اها جمهوريت آهي. سينيٽ جي اليڪشن سڀني جي سامهون چوري ٿي. ووٽ خريد ڪرڻ جو ثبوت موجود آهي، اسان ضمير فروشي جي خلاف ترميم جي لاءِ به انهن کي چيو ته ان جو دروازو بند ڪريو ته جيئن ڪو بندوق وارو نه ڪنهن کي کنڀي ۽ نه ووٽ جي ٻولي لڳي. هن چيو ته ست سمنڊ پار کان جنهن جمهوريت جي لاءِ ويٺل فيصلو ڪن ته هي وزيراعظم قبول ۽ هي قبول نه آهي. ڪو خوددار پاڪستاني اهو تسليم نه ٿو ڪري سگهي. ڇا اهو پاڪستان جي آئين يا جمهوريت موجب ٿي رهيو آهي؟ هن وقت فرق پي ڊي ايم يا تحريڪ انصاف جو نه پر ٻن نظرين جو آهي، هڪ نظريو اهو چوي ٿو ته پاڪستان جا 22 ڪروڙ ڀڪاري ۽ ٻيو نظريو خودداري جو آ??ي. ??اڪستان انهي ٻه واٽي تي بيٺل آ??ي. ??اڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اهو آزاد، خودمختار ۽ خوددار پاڪستان هوندو يا اهو پاڪستان هوندو جتي ڪو ٻيو ملڪ ٻڌائي ته توهان کي ڇا ڪرڻو آ??ي. ??وم کي خودداري ۽ آزادي سان علامه اقبال ۽ قائد جي خواب موجب پاڪستان ٺاهڻو آهي. جيڪي ماڻهو چئي رهيا هئا ته تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو ڪير نه هوندو هاڻي اچو مقابلو ڪر??و. ??ل تقريرن سان نه ووٽ سان نه نڪرندو. هن چيو ته نبي ﷺ جا امتي آهيون اسان انگ جي بنياد تي گهٻرائڻ وارا نه آهيون. ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آهن. بلاول ڀٽو جي ان ڳالهه سان اتفاق آهي ته ووٽ سان مسئلن جو حل ڪڍو. هن چيو ته جيڪا روايت شروع ڪئي وئي آهي اها رڪجڻ واري نه آ??ي. ??وءِ 15 ارب ۾ اهو ڪم ڪير به ڪري سگهي ٿو، ان سياست جي پڄاڻي ڪا سٺي نظر نه اچي رهي آهي. هن مخالف ڌر کي چيو ته اها اليڪشن ۾ اچي. هن چيو ته جمهوريت تي يقين رکندڙن کي پارليامي??ٽ جي بالادستي تي به يقين رکڻ گهرجي. قومي سلامتي ڪميٽي ۾ سڀ کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ کي گهرايو و??و. ??ن بابت نه ٿا چئي سگهو ته کيس دعوت نه ڏني وئي. ان اجلاس ۾ سموري ليڊرشپ کي گهرايو ويو هو پر اهي نه آيا. هن چيو ته اڃا به وقت آهي ان ميمو تي ان ڪئميره بريفنگ جي لاءِ اجلاس گهرايو. هن قوم کي چيو ته هي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ، آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ آهي اها ڪ??هن بي اعتمادي جي قرارداد جي تابع نه آهي. عمران خان اها جدوجهد جاري رکندو ۽ هي ميمبر ان سان گڏ بيٺل رهندا، پوري قوم ان سان گڏ بيـٺل هوندي.