اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڳو??ڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي آئين تحت اسپيڪر جي رولنگ ڪنهن فورم تي چئلينج نٿي ڪري سگهجي، اسان چُونڊُون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، صدر عمران خان ۽ مخالف ڌر ??ڳو??ڻ کان عبوري حڪومت جي لاءِ نالا طلب ڪيا آ??ن. ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائي??دي هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ مقبول ترين ??ڳو??ڻ آهي، پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آهي، پاڪستان جي عوام عمران خان سان محبت ڪري ٿي، هن چيو ته اسان هڪ خودمختيار قوم ۽ ملڪ آهيون، هن چو ته پاڪستان ۾ عمران خان کي سازش تحت بي اعتمادي رٿ جي ذريعي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته عمران خان هڪ دفعو ٻيهر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري واپس ايندو، هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي غير مقبوليت جي ڪري چونڊن کان ڀڄي رهي آهي.