اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محتسب کاتن جي بدانتظامي جي خلاف شڪ??يت?? جي فوري ازالي لاءِ جديد آءِ ٽي ذريعا استعمال ڪري، فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ وفاقي محتسب تي بار وڌندو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي محتسب صدر کي سال 2021ع دوران اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ بريفنگ ڏني، گذريل سال وفاقي محتسب کي 110398 شڪ??يت??ن مليون، ڪل شڪ??يت?? مان هڪ لک 6 هزار 732 حل ڪيون ويون، محتسب جي 92.7 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪل شڪ??يت?? کان 92 هزار آن لائين موصول ٿيون ۽ ان تي ڪارروائي ڪئي وئي، صدر کي ملڪ جي مختلف عل??ئق?? ۾ شڪ??يت??ن سيل، علائقائي آفيسن جي قيام تي به بريفنگ ڏني وئي، شڪ??يت?? جي ازالي جي جامع سسٽم جي تحت وفاقي حڪومت جي 180 مختلف ايجنسين کي سگهه ڏني وئي آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته وفاقي محتسب ملڪ جي ڏورانهن عل??ئق?? تائين پنهنجي پهچ وڌائي، محتسب کاتن جي بدعنواني جي خلاف شڪ??يت?? جي فوري ازالي لاءِ جديد آءِ ٽي ٽولز استعمال ڪري وفاقي محتسب يوٽيلٽي ڪمپنين جي ناانصافي خلاف شڪايت ڪندڙن کي جلد انصاف فراهم ڪري. هن چيو ته وفاقي محتسب وٽ وڌيڪ شڪ??يت??ن گئس ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين پاران وڌيڪ بلن بابت آهن، وفاقي محتسب ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن جي باري ۾آگاهي پيدا ڪري، وفاقي محتسب شڪ??يت?? جي جلد ازالي لاءِ مختلف سرڪاري کاتن سان رابطا قائم ڪري، محتسب ماڻهن جون شڪ??يت??ن تيزي سان اڪلائڻ لاءِ سرڪاري ادارن سان تعاون وڌائي. فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ وفاقي محتسب تي بار وڌندو ??هي، صدر محتسب جي ڪارڪردگي ۽ پهچ وڌائڻ جي سرگرمين کي ساراهيو. صدر پاران اداري کي مضبوط بڻائڻ، فوري انصاف جي فراهمي ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.