راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ??حالي خوش آئند آهي، اسان جي ??پوزيشن س??ائين عوام جي ??لاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن س??ن ملي خوشي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي چيو ته اپوزيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي س??ن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ اچن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته اهي به عام ماڻهن س??ن گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسندا آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي ??پوزيشن س??ائين عوام جي ??لاف ئي بيٺل هوندي آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جو اهو ئي رويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته انهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي ??سٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن جا پورا نه ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انڊين ڪرڪيٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ??ه پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪيو وڃي اسان کي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪرڪيٽ جي ??حالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ رانديگرن س??ن ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي ??حالي تي خوشي جو اظهار ڪيو.