اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپ??ڪر قاسم خان سوري پشاور ڪوچه رسالدار جي جامعه ??سج?? ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا بيانن ۾ هنن چيو ته ڪوچه رسالدار جامعه ??سج?? ۾ ٿيندڙ ڌماڪو دهشتگردي جي بدترين مثال آهي، دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث عنصر انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن، ملوث عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن کي مڪم?? ڪرڻ جي لاءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، عبادتگاهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جي نالي تي ڌٻو آهن، پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، دهشتگردي ۾ ملوٿ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپ??ڪر ۽ ڊپٽي اسپ??ڪر ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدردي جو ا ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.