اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي لاءِ ??نڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن جو فروغ، بيمار صنعتي يونٽس کي بحال ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بيمار صنعتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي. آرڊيننس جي مدد سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ??اهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ظاهر ڪيل فنڊز رڳو ??لا??ٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، انڊسٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ ??ستعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بيمار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ڪري سگهنديون، حوصلا افزائي لاءِ ??يمار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ ??يڊجسٽ ڪري سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل رقم تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت واپس آندل رقم جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏنو ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو.