اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وز??ر شوڪت فياض ترين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وز??راعظم کي ملڪي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم چيو ته حڪومت صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سِڪ يونٽس جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان جي حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي لاءِ ٺوس پاليسي ڏني، حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري صنعتي شعبو ترقي ڪري رهيو آهي، صنعتن جي مڪمل صلاحيت تي هلڻ جي ڪري روزگار ۾ اضافو ٿيو آهي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪو??ونا وبا دوران ڪامياب معاشي ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو جنهن جي ڪري روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ ۽ بيمار يونٽس جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن ۾ روايتي شعبن کانسواءِ ن??ين شعبن جي شموليت يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جو مقصد درآمدي متبادل ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وز??راعظم جي پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ جي ويزن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪي صنعتي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو خاتمو يقيني بڻائي رهي آهي. وز??راعظم ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ، لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.