اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنڊ دادن خان جي ڀرپاسي واري علائقي ڍڍي ڦيرا ۾ پرائيويٽ اس??ول جي خراب عمارت ڊهڻ سبب پرائمري اس??ول جي ٻارن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊي سي جهلم سان رابطو ڪري واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمي?? کي اسپتال ۾ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻارن، عورت ٽيچرز ۽ اس??ول جي ٻئي عملي کي جهلم منتقل ڪري علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.