اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سين??ر صحافي غلام اڪبر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل صحافت جي سفر ۾ غلام اڪبر اعليٰ صحافتي قدرن کي وڌايو. هن چيو ته غلام اڪبر جي س??اس?? بصيرت ۽ قلم جي ذريعي انصاف جي لاءِ جدوجهد سندس صحافت جو خاصو رهيو. وزيراعظم چيو ته غلام اڪبر جي صحافت لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين سان تعز??ت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان جي لاءِ دعاڳو آهي.