اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وز??ر شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم عمران خان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وز??راعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وز??راعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي وز??راعظم عمران خان سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي ميزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وز??راعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي حوالي سان وز??راعظم عمران خان ا??يد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدالعزيز وز??راعظم کي سعودي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.