اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مسلمان دنيا جي مشهور ۽ اعليٰ اسڪالرن سان ڇنڇر ڏينهن خصوصي ويهڪ ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلنيجن جي حوالي سان خيالن ج?? ڏي وٺ ڪندو، جمع?? ڏينهن وزيراعظم جي سياسي معاملن واري ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي مسلمان دنيا جي مشهور ۽ اعليٰ اسڪالرن سان هڪ خصوصي ويهڪ ٿيندي جنهن ۾ وزيراعظم سوالن ۽ خيالن جي مٽاسٽا جي ان ويهڪ ۾ مسلمان امت جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندو، پهريون سيشن ڇنڇر ت?? منجهند جو 2 وڳي پي ٽي وي تان سڌو سنئون نشر ٿيندو.