اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد ??ان ”اسلامي معاشرو ۽ احترام قانون“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم عث??ان خطبي ۾ اسلامي معاشري ۾ احترام قانون ۽ عه?? جي پاسداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلامي تعليمات ۾ انفرادي سان گڏوگڏ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي ۾ به عهد کي پورو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ڪامياب مومنن جي صفات ??ان هڪ امانتن ۽ عه?? جي پاسداري بيان ڪئي آهي، هن حضور ﷺ جي حيات طبيه جي روشني ۾ عه?? جي پاسداري جا مثال بيان ڪندي صلحه حديبيه جو خصوصي حوالو ڏنو جنهن ۾ مسلمانن جي ??ڏي?? معاملن سان گڏوگڏ ٻين قو??ن سان ڪيل واعدن کي نڀائڻ جو درس موجود آهي، هن چيو ته هڪ فر?? جي لاءِ لازم آهي ته هو جنهن ملڪ جو رهواسي آهي ان جي قانون جي پيروي ڪري، اها عه?? جي پاسداري جي هڪ صورت آهي. هن چيو ته قانون جي خلاف وريزي اصل ۾ اسلامي تعليمات جي رو گرداني ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته جائزه امور ۾ اسلامي رياست جي قانون جي پاسداري ضروري آهي، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد ??ان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو باقاعدگي اهتمام ڪيو پيو وڃي.