اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان 115 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي آفيسرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران آفيسرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سرڪاري ملازم عوامي خدمتن جي وڏي ذميداري نڀائيندا آهن، هن چيو ته ترقي ۽ عزت ڪمائڻ جو رس??و سدائين چئلينجز سان ڀريل هوندو آهي، نوجوانن جو اخلاقي معيار بلند ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته توهان جي سامهون فيصلا ساز طور سدائين ٻه رس??ا هوندا، هڪ رس??و پئسو ڪمائڻ جو آسان ط??يق?? آهي جيڪو بدعنواني ۽ تباهي جي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رس??و عزت ۽ ترقي جو آهي جيڪو چئلينجز سان ڀريل آهي، هن چيو ته اسان جو تعليمي نظام طبقاتي ويڇا پيدا ڪيا آهن، موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو نصاب آڻي رهي آهي جنهن سان اسان جي ٻارن کي مضبوط بنياد ملي سگهندو ۽ اهو شاگردن جي چونڊ آهي ته هو جنهن شعبي ۾ چاهين مهارت حاصل ڪن.
وزيراعظم عمران خان چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو بنيادي مقصد اسان جي معاشري جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ آهي، اٿارٽي تحقيق ڪندي ۽ اسان جي حضور نبي ڪريم ﷺ جي زندگي تي ٻڌل رهنمائي فراهم ??ندي. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ٻارن کي موبائيل فون جي ذريعي هر قسم جي مواد تائين رس??ئي حاصل آهي، غلط مواد ڪ??ن ذهنن لاءِ غلط فهميون ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيندو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نوجوانن ۽ ٻارن کي هڪ متبادل فراهم ??ندي ته جيئن انهن جي درست تربيت ٿئي، هن چيو ته طاقت جو استعمال انتهاپسندي جي خاتمي جو حل نه آهي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ سان هڪ معتدل، روادار ۽ ترقي پسند معاشرو جڙندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي اڳوڻين حڪومتن جي بدعنواني جي ڪري وڏو مالي قرض ورثي ۾ مليو آهي، ڪورونا جي باوجود پاڪستان پنهنجي معيشت کي ڪاميابي سان سنڀاليو، حڪومت جي ”ڪاروبار ۾ آساني“ جي پاليسي جي ڪري سمورا م??اش?? انگ اکر مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 ڊيمن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته م??اش?? ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ هڪ مسلسل عمل آهي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڊگهي مدي واري سڌارن جي لاڳو لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جلد خطي جو اهم اڳواڻ ملڪ بڻجي ويندو جيئن 70ع جي ڏهاڪي ۾ هو.