اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) ٽرائيڪا پلس اف??انستان جي سنگين انساني ۽ معاشي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ اف??ان عوام جي اڻٿڪ حمايت کي ورجائيندي اعدال پسند ۽ دانشمنداڻي پاليسيون لاڳو ڪرڻ جي حوصلا اف??ائي جي ل??ءِ طالبان سان عملي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اف??انستان جي صورتحال بابت پاڪستان، چين، روس ۽ آمريڪا تي ٻڌل توسيعي ٽرائيڪا جو اجلاس ٿيو. توسيعي ٽرائيڪا اجلاس جي موقعي تي طالبان جي سينيئر نمائندن سان ملاقات ڪئي. اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو وي??. پ??رنامي موجب ٽرائيڪا پلس اف??انستان اف??انستان جي سنگين انساني ۽ معاشي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ اف??ان عوام جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. سلامتي ڪائونسل اف??ان بابت قراردادن جي ياد ڏياري وئي، جنهن ۾ اف??انستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جو احترام شامل آهي ۽ جيڪو دهشتگردي ۽ منشيات بابت ڏوهن کان پاڪ ۽ علائقائي استحڪام ۽ رابطن ۾ مددگار هجي. اف??انستان ايندڙ ۽ اتان ويندڙ انهن سمورن ماڻهن کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ بابت طالبان جي عزم جي آجيان ڪئي وئي ۽ سردين جي شروعات سان گڏ ئي سڄي ملڪ ۾ هوائي اڏن جي قيام جي انتظامن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي حوصلا اف??ائي ڪئي وئي جيڪا واپاري ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ وهڪري کي فعال ڪرڻ جي ل??ءِ ضروري آهي. طالبان تي زور ڏنو ويو ته اهي هم وطن اف??انين سان گڏجي هڪ ٺوس ۽ نمائنده حڪوم?? جي جوڙج?? جي ل??ءِ قدم کڻن جيڪي سمورن اف??انين جي حقن جو احترام ۽ اف??ان معاشري جي سمورن رخن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي شرڪ?? جي ل??ءِ برابر حق فراهم ڪري. اعتدال پسند ۽ دانشمنداڻي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوصلا اف??ائي جي ل??ءِ طالبان سان عملي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو جيڪي جلد کان جلد هڪ مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي ل??ءِ هر سطح تي تعليم تائين پهچ هڪ عالمي ذميواري آهي ۽ طالبان جي حوصلا اف??ائي ڪئي وڃي ته اهي سڄي ملڪ ۾ تعليم تائين مڪمل ۽ برابر پهچ فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششون تيز ڪن. اف??انستا جي ل??ءِ عالمي برادري پاران انساني امداد جي فوري فراهمي جي آجيان ڪئي وئي ۽ اقتصادي تباهي جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انساني بحران ۽ خطري جي پناهگيرن جي نئين لهر جي امڪانن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. طالبان کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي بحران کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي ل??ءِ بشمول عورت ڪارڪنن جي بنا روڪ ٽوڪ انساني پهچ کي يقيني بڻائين. استحڪام ۽ هنگامي امداد جي فراهمي جهڙن شعبن ۾ ڪوآرڊينيٽر طور گڏيل قومن جي عظيم ڪردار جي آجيان ڪئي. گڏيل قومن ۽ ان جي خصوصي ايجنسين تي زور ڏنو ويو ته اهي اف??ان عوام جي مدد ل??ءِ عالمي برادري جي واعدن کي عملي جامعو پارائڻ جي ل??ءِ پروگرام تيار ڪن. اف??انستان ۾ تازي دهشتگرد حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ طالبان کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي سمورن عالمي دهشتگرد گروپن سان لاڳاپا ختم ڪن، انهن کي فيصلائتي انداز ۾ ختم ڪن ۽ مل?? جي اندر ڪم ڪندڙ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪن. ٽرائيڪا پنهنجي انهن اميدن کي ورجايو ته طالبان پنهنجي پاڙيسرين، خطي جي ٻين ملڪن ۽ باقي دنيا جي خلاف دهشتگردن پاران اف??ان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ جي پنهنجي عزم کي پورو ڪن. طالبان تي زور ڏنو ويو ته اهي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻو رويو اختيار ڪن ۽ بشمول عالمي قانون جي عالمي طور تي تسليم ٿيل اصولن ۽ بنيادي انساني حقن ۽ اف??انستان ۾ غيرملڪي شهرين ۽ ادارن جي تحفظ ۽ جائز حقن جي تحفظ جي ل??ءِ افغانستان جي عالمي ذميوارين جي پاسداري ڪن.