اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلات?? تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلات?? تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلات?? تعليم جي پروگرام کي مرڪز?? تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلات?? تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلات?? تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن ج?? تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلات?? تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلات?? تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلات?? تعليم جي اجاز?? ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي فاصلات?? تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.