اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ??يو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو وز??ر پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وز??ر علي امين گنڊاپور، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وز??ر محمود خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صوبائي وز??ر عاطف خان به موجود هئا. وز??راعظم ??يو ته حڪومت ڏورانهن سياحتي ماڳن تائين پهچ ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، وز??راعظم ??يو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا م زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ وز??راعظم کي خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ صوبي جي س??اسي صورتحال، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وز??راعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.