اسلام آباد – 10 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اليواري سا??نس??ان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست بڻائڻ ??ي حوالي سان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان ??حبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.