اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي تيز رفتار رستي ??ي گامزن ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليم کي فروغ ڏيڻ تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته هائبرڊ تعليم جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جو تعداد وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ??يوان صدر ۾ فائونڊيشن يونيورسٽي اسلام آباد (ايف يو آءِ) بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي ڪيو، فائونڊيشن يونيورسٽي جي صدر وقار احمد ملڪ، ريڪٽر ميجر جنرل (ر) ناصر دلاور شاهه ۽ ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) پروفيسر ڊاڪٽر جواد خالق انصاري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وقار احمد ملڪ اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي سميت هيلٿ سائنسز، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيل قابل ذڪر ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته فائونڊيشن يونيورسٽي تعليم، تحقيق ۽ تخليق ۾ مهارت جي ذريعي انساني وسيلن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي ر??ي آهي، فائونڊيشن يونيورسٽي مان 2015ع کان 2020ع جي دوران 8960 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم مڪمل ڪئي ۽ پي ايڇ ڊي گريجوئيشن جو تعداد وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته يونيورسٽي جي انڊومنٽ فنڊ جي ذريعي مستحق شاگردن کي ميرٽ وظيفا، ضرورت تي ٻڌل مالي مدد ۽ فيس ۾ ڇوٽ به فراهم ڪري ر??ي آهي. صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته هو ايڇ اي سي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ معذر شاگردن جي ڀلائي ۽ ترقي جي پاليسين کي لاڳو ڪري ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس سميت سمورا اداره جاتي معاوضو معاف ڪري ر??ي آهي. هن يونيورسٽي تي ??ور ڏنو ته هو پنهنجي حڪمت عملي ۽ ويزن تي نظرثاني ڪري ته جيئن ان جي رسائي کي وڌائڻ، هائبرڊ ۽ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ ۽ معياري گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ تي ??صوصي ڌيان ڏنو وڃي، صدر ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته دنيا تيزي سان تبديلي مان گذري ر??ي آهي ۽ پاڪستان کي به چوٿين صنعتي ??نقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊيٽا تجربي جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم خاص طور تي هيلٿ سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ فائونڊيشن يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي ساراهيو.