دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغانستان جي دوست جي حيثيت سان اسان پ??جشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته ت??جڪ??تان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي ??حيحن کانپوءِ ت??جڪ??تان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي ????جڪ??تان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن ت??جڪ??تان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي ????جڪ??تان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي صورتحال تي ??ه اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي ??ه ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن جڏهن ته ت??جڪ??تان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پ??هنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته ت??جڪ??تان جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف ت??جڪ??اتن جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي ??عاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.