ڪراچي – 11 ̵1; س??پٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ??ونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي ع??ر شريف جي ع??ادت جي لاءِ آيا آهيون، عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت عمر شريف جي ع??اج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي ??ورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي ع??ادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت سندس علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان عمر شريف جي ع??اج جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر شريف جي ع??اج بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ??ونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پنهنجي ??ير??ياسي حيثيت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.