لا??ور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لا??ور ۾ پنجاب جي چيف سي??ري??ري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? پنجا?? جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ?? صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.