اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آه??، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن قوم جي الحاق جي لاءِ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن نه ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿي رهيون آه??، ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جي حقن جي پائمالي ڪري رهي آه??، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آه?? ۽ رهندو. ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪشمير استحصال ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪشميري عوام اسان جي جسم جو حصو آه??، اسان جي دل ڪشميري عوام سان گڏ ۽ انهن جي دل اسان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان اسان جا رشتا، ناطا آه?? ۽ اهي اسان جي خاندان جو حصو آه??، اسان ڪشميرين جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آه??، اسان ڪشمير جي لاءِ پنهنجو تن من ڌن لڳائي چڪا آه??ون. هن چيو ته اڄ اسان والاريل ڪشمير جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي طاقت انهن جي پٺيان بيٺل آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جا حق پائمال ڪري رهي آه??. هن چيو ته آر ايس ايس جو نظريو ڀارت ۾ هن وقت غالب اچي چڪو آه??، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري قوم جو حق نه ٿو کسي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آه?? ۽ رهندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اڄ صدر، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر ۽ عوام هن ريلي ۾ ڪشميري عوام کي اهو ٻڌائڻ لاءِ موجود آه?? ته اسان توهان جي پٺيان بيٺل آه??ون. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عوام جا حق اسان جي لاءِ اسان جي جانين کان به وڌيڪ اهم آه??. اسان جي معيشت، پرڏيهي پاليسي ڪشمير جي چوگرد ٺهي آه?? ۽ انهي جذبي کي اڄ به اڳتي کڻي هلي رهيا آه??ون. هن چيو ته ڪشميري عوام کي يقين هجڻ گهرجي ته دنيا جي پنجين وڏي قوم انهن جي پٺيان بيٺل آه?? ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ آخري دم تائين وڙهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته 5 آگسٽ جي قدم کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي خوش فهمي جلد ختم ٿي ويندي.