اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اس??مبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ب??ان موجب قانونساز اس??مبلي ميمبرن علي شان سوني، علي رضا بخاري، صغير چغتائي، اڳوڻي اس??يڪر انوارالحق ۽ اڳوڻي وزير شهزاد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت، ويزن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، قانونساز اس??مبلي ميمبرن چيو ته ٺوس حڪمت عملي سان وزيراعظم عمران خان ملڪ کي مالي بحرانن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ جنهن موثر انداز ۾ هن عالمي فورمن تي نه رڳو ڪشمير پر اس??ام جو ڪيس وڙهيو آهي اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.