اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو??ا وائرس سبب پنجاب کانپ??ءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو??ا وائرس سبب 47 فوتگيون ٿيون جنهن ??ان 23 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 745 ماڻهن جا ڪ??رو??ا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن م??ن 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رو??ا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هزار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 6 هزار 535، پنج??ب ۾ 15 هزار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 543، اسلام آباد ۾ 5 هزار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 هزار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن ??قت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 327 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 916 آهي.