اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ -19 جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 61 شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي ڇوٽ ڏيڻ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قان??ني اختيار سونپڻ، ربيع فصل خاص طور تي ڪڻڪ جي لاءِ وزيراعظم امدادي پيڪيج ۽ نيشنل ميڊيڪل اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيندو، ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ انهن جي قيمتن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو، وزيراعظم ڪابينا ??يمبرن کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ميمبرن جي پنهنجي تڪن ۾ مسئلن جي لاءِ هڪ واضح طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، ان ڏس ۾ وقت سر مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه ۽ شڪايت بابت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪابينا رينه سعيد خان جي چيئرپرسن طور اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورد مقرر جي منظوري ڏن??، ڪابينا ??يشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏن??، ڪميشن ۾ صوبن، اسلام آباد، اقليتن ۽ عورتن جي نمائندگي شامل آهي، ڪابينا ??لڪ جي 19 ضلعن ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قان??ني اختيار سونپڻ جي منظوري ڏن??، اهي اختيار ڪووڊ 19 (پريويننش آف اسمگلنگ) آرڊيننس 2020ع جي شق نمبر 8 ٽو تحت ڏنا ??يا آهن، اهم سرڪاري ادارن ۽ ڪمپنين ۾ چيف ايگزيڪيٽو جي مقررين جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏن?? وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقررين جو عمل مڪمل طور تي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي.