اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ا??ن سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪورونا جي 625 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آ??ا ۽ 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس س??ب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 697 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 689، پنجاب ۾ 11 هزار 722، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 765، اسلام آباد ۾ 2 هزار 228، بلوچستان ۾ هڪ هزار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 هزار 55 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 877 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس س??ب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 هزار 431 آهي.